logo
  • Contact: +44 7399 8151 44
  • info@jsfmofficial.org
  • London, England, United Kingdom
Donate
Awesome Image
Donate Now
Donate
  • About Us
    • About JSFM
    • Vision & Mission
    • Leadership
    • International Chapters
  • ABOUT SINDH
  • G. M. SYED : The Symbol
    • Life & Struggle
    • Books
      • Sindhi
      • English
      • Urdu
  • News & Events in Sindh
    • Protests
    • Videos
    • PRESS RELEASE
  • International News & Events
    • Protests
    • Videos
    • PRESS RELEASE
  • CONTACT US
logo

Contact Info

  • London, England, United Kingdom
  • +44 7399 8151 44
  • info@jsfmofficial.org
logo

About Us

Jeay Sindh Freedom Movement is dedicated to the non-violent struggle for the Right of Self-Determination for Sindhudesh.

Get a free quote

    Uncategorized
    • By JSFM
    • 0 Comments
    20230519 140048 scaled 1 May 19, 2023
    348424805 1472807596861690 7390455391723847570 n.jpg? nc cat=108&ccb=1 7& nc sid=caaa8d& nc ohc=LAcA1Ldvh7wAX BVP7x& nc ht=scontent iad3 1

    via Jeay Sindh Freedom Movement JSFM https://ift.tt/cWeN4Ox جسفم سنڌ جي آزادي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ سمورين ڌرين سان هر جدوجهد ۾ گڏ رهندي.
    جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز #JSFM
    (پ ر) سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ ڪهاڙيء واري جهنڊي هيٺ سمورين ڌرين پاران آزاديء لاءِ وڌايل هر وک سان جيئي سنڌ فريڊم مومينٽ جسفم شامل رهندي.
    انکان سواءِ ٻين سمورين سنڌ دوست قوتن پاران سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ کڄندڙ هر وک جي نه صرف آجيان ڪئي ويندي پر ساڻن هر عمل ۽ ميدان ۾ شامل رهبو.
    سنڌ اسان لاءِ سڀني ننڍ وڏاين، انائن ۽ اختلافن کان اُتم آهي. جيڪو به سنڌ جي ڀلائيء لاءِ سوچيندو لوچيندو ۽ جاکوڙيندو اسين ساڻڻ ٻانهن ٻيليء طور هميشه گڏ هونداسين. اهڙن خيالن جو اظهار جسفم چيئرمين سھيل ابڙو جيئي سنڌ فريڊم مومينٽ جي پارٽيء جي سينٽرل ڪميٽيء جي گڏجاڻيء ۾ صدارتي خطاب ڪندي چيو. گڏجاڻيء ۾ سنڌ سڀا جي مهندار سنڌي انعام پاران سنڌ سڀا پاران سنڌ جي مسئلن بابت رٿيل سيمينار جي جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم کي باضابطه ڏنل ڪوٺ تي تفصيلي ويچار بابت ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جسفم جا ڪارڪن ۽ ڪراچيء جي قيادت سيمينار ۾ شريڪ ٿي جسفم پاران سنڌ سڀا جي هن عمل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندا. چيئرمين سهيل ابڙو کانسواء گڏجاڻيء ۾ جسفم سينٽرل ڪميٽيء جي ميمبرن وائيس چيئرمين زبير سنڌي, جنرل سيڪريٽري غلام حسين شابراڻي, امر آزادي, سوڍو سنڌي, حفيظ ديشي, پرھ سنڌو پڻ شرڪت ڪئي.
    گڏجاڻيء ۾ 28 مئي تي جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) پاران سنڌ کي درپيش سنگين مسئلن بابت ڏنل هڙتال جي سڏ جي مڪمل حمايت ۽ شموليت جو فيصلو ڪيو ويو، جسفم جا ڪارڪن هر ضلعي توڙي تعلقي ۾ 28 مئي تي هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندا.
    جڏهن ته صُوفي لغاريء پاران لنڊن کان پيرس تائين پيرين پنڌ ڪري سنڌ جي آواز کي پرڏيھ ۾ سگهاري انداز ۾ پيش ڪرڻ واري عمل کي پڻ واکاڻيو ويو ۽ سندس عمل جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻيء ۾ صُوفي لغاريء پاران ايندڙ لنڊن – پيرس مارچ سميت سندس ڪيئناڊا مارچ ۽ ٻيا عمل پڻ اتساھ ڏياريندڙ ۽ سنڌ جي آزاديء واري جاکوڙ لاءِ سٺو سنوڻ آهي.
    جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز
    #JSFM Jeay Sindh Freedom Movement JSFM @JSFMOfficialOrg Sohail Sindhi Jsfm Hussain Sindhi Zubair Sindhi Jameel Abdullah Jameel Hafeez Deshi Sindhi حامد حميد سنڌي Sindhi Inam Sindh Sabha Syed Nawaz Shah Bhadai Fans JSM Media Cell2 Syed Nawaz Shah Bhadai Sufi Laghari
    www.jsfmofficial.org https://ift.tt/x7CATLg
    • Tags:
    • fb-post

    JSFM

    Visit: http://localhost/jsf

    Jeay Sindh Freedom Movement JSFM
    May 19, 2023
    Jeay Sindh Freedom Movement JSFM Workers paid homage to Abdul Wahid Arisar on his death anniversary
    May 19, 2023

    JSFM Official

    Jeay Sindh Freedom Movement is dedicated to the non-violent struggle for the Right of Self-Determination for Sindhudesh.

    Discover

    • About Us
    • ABOUT SINDH
    • G. M. SYED : The Symbol
    • NEWS / EVENTS
    • International

    Useful Links

    • Contact Us
    • Privacy Policy
    • Terms & Conditions
    ♥ Donate Now

    Stay Connected

    Subscribe for latest updates.

    © 2025 jsfmofficial, All Rights Reserved.

    • Ways to Donate:
    • Awesome Image
    • Awesome Image
    • Awesome Image
    • Awesome Image
    • Awesome Image