Let us commemorate this day as a celebration of our love for our nation, our people, our martyred comrades, and our cause. On this occasion, let us pledge to protect Sindh, to walk the path of its freedom, and to prove our loyalty through action and sacrifice. This national song is dedicated to those brave souls who are marching towards their ultimate goal—the independence of Sindhudesh.Tribute to Martyrs of Sindhudesh

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 29هين ورسي 25 اپريل تي سن ۾ رھبر جي مزار تي حاضري ڀري نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي ۽ اپريل جي مھيني ۾ وطن جي پاداش ۾ پنھنجي رت سان جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ قومي شھيدن کي 21 اپريل تي سموري سنڌ ۾ جسفم طرفان شھيدن جي تصويرن اڳيان گلن جي ورکا ڪري شمعون روشن ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز

IMG 20240416 WA0031
Tribute To Martyr Of April

ڪراچي ( پ-ر )
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم چيئرمين سھيل ابڙو, وائيس چيئرمين زبير سنڌي, سيڪريٽري جنرل امر آزادي, فرحان سنڌي, حفيظ ديشي, مرڪ سنڌو ۽ ھوشو سنڌي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تھ, شھيد قومن جو سرمايو ھوندا آھن ۽ وطن ۽ قوم لاء شھادت جو جام پيندڙ ڪڏھن بي مرندا ناھن اھي ھميشا تاريخ ۾ زندا رھي امر ٿي ويندا آھن, شھيدن جي ڏنل قربانين کي ياد ڪرڻ ڀيٽا پيش ڪرڻ سان قومون قومي اتساھ وٺي انھن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاء وطن جي جدوجھد ۾ شامل ٿي حصو بڻجي وينديون آھن ۽ وطن کي سامراج جي غلامي مان آزاد ڪرائنديون آھن.

20240418 140211 scaled 20240418 141132 scaled Screenshot 20240418 135217 Chrome ان لاء جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم طرفان ھر سال جيان ھن سال بي سائين جي ايم سيد جي 29هين ورسي 25 اپريل تي سن ۾ رھبر جي مزار حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي ۽ اپريل جي مھيني ۾ وطن جي پاداش ۾ پنھنجي رت سان جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ قومي شھيدن, شھيد اول مھاراجا ڏاھر, شھيد بشير خان قريشي, شھيد شفيع محمد ڪرناڻي, شھيد سرائي قربان کھاوڙ, شھيد روپلو چولياڻي, شھيد نور اللھ تنيو, شھيد سجاد مرکنڊ, شھيد عامر کھاوڙ کي 21 اپريل تي سموري سنڌ ۾ جسفم طرفان تصويرن اڳيان گلن جي ورکا ڪري شمعون روشن ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز


20240418 134929

By JSFM

Discover more from Jeay Sindh Freedom Movement - JSFM

Subscribe now to keep reading and get access to the full archive.

Continue reading